اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آ??ي ته وزيراعظم عمران خان جو خواب مديني جي رياست وانگر فلاحي نظام، م??اشي ترقي ۽ خوشحال عوام آهي، م??دود وسيلن وارن 37 لک خاند??نن کي 1400 ارب سان معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪامياب پاڪستان پروگرام شروع ڪيو ويو آ??ي، ان سان غربت جي خاتمي، م??روم طبقن کي بااختيار بڻائڻ ۾ ??دد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، ڪامياب ڪاروبار پروگرام تحت ڪاروبار جي لاءِ پنج لک تائين بنا وياج قرض ڏنا ويندا، سستا گهر اسڪيم تحت پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ فني تعليم ۽ صحت انصاف ڪارڊ به ڪامياب پاڪستان پروگرام جو حصو آ??ي.