لاهور – 08 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرونا وائرس جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت تي زور ڏيندي سمورين اداراجاتي هيلپ لائينن جي تشهير ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي آهي، صدر هدايت ڪئي ته ڪرونا وائرس جي وبا بابت ڊيٽا کي اپ ڊيٽ رکيو وڃي. اهي ه??ايتون هن لاهور ۾ ڪرونا ڪرائسس مئنيجمينٽ سيل جي دوري دوران ڏنيون.