اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪورونا وبا عالمي چئلينج آهي ج??هن تي عالمي ردعمل گهربل آهي، پاڪستان ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کن??ا آهن، وزيراعظم پاران مستحقين جي لاءِ 8 ارب ڊالر جو رلي?? پئڪيج ڏنو ويو آهي، ڪورونا چئلينج جي خلاف قومي ڪوششون عالمي حمايت کانسواءِ پوري طرح موثر نه ٿيون ٿي سگهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن غيروابسته ملڪن جي تحريڪ جي سربراهه اجلاس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.