اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي ڪورونا سبب شاگردن جي تعليمي نقصان کان بچاءُ جي لاءِ يونيورسٽين ۽ اعليٰ تعليمي ادارن ۾ آن لائن تعليم جي فراهمي جي ضرورت تي زور ??يندي چيو آهي ته يونيورسٽيون معياري تعليم جي فروغ لاءِ تحقيق، جدت تي ٻڌل تعليم ۽ قومي ۽ عالمي يونيورسٽين سان رابطن کي فروغ ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلتستان يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊ??ڪٽر محمد نعيم خان جي وڊيو لنڪ ذريعي بريف??گ دوران ڪيو.