اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پارلياماني ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته ڪشمير هڪ نيوڪليئر فليش پوائنٽ آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۽ ڀارت جي اندر شهرين تي بدترين ظلمن جي روڪٿام لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهي، والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون، ڀارتي فوج کي آخرڪار ظلم ختم ڪرڻو پوندو ۽ ڪشميري آزادي جي صبح جلد ڏسندا. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ ڪا??ي ڏينهن جي م??قعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي هن والاريل ڪشمير ۾ مودي پاران متعارف ڪرايل هڪ ٻ??ي ڪا??ي قانون جي سخت مذمت ڪئي جنهن جو مقصد ڪشميرين جي زمينن ??ي قبضو ڪرڻو آهي.