فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسا?? کي اهڙو پاڪستان ورثي ۾ مليو جيڪو قرضن ۾ ٻڏل هو، قرض کڻي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌايا ۽ خرچ ڪري ڪم هلايو ويو، انهن حالتن ۾ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري، موجوده حڪومت ۾ صنعتي سرگرمي?? کي فروغ ڏئي رهي آهي، الله جو شڪر آهي ته هن وقت پاڪستان جا اشارا مثبت آهن، تعميراتي صنعت هلي رهي آهي، ان سان جڙيل صنعتون به هلنديون، ان جي لاءِ به اسان پيڪيج ڏنو آهي، صنعتي عمل جي ترقي جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪنداسين، ڪورونا وبا جي ٻي لهر ??ڻتي جوڳي آهي، اسا?? کي احتياط کان ڪم وٺڻو پوندو ته جئين اسان جون ڪاروباري سرگرميون جاري رهن ۽ غربت نه وڌي، خدا نه ڪري ڪورونا جي صورتحال بگڙي ته ??عي??ت به متاثر ٿيندي، هر ??ويزن ۾ هائي ڪورٽ هجڻ گهرجي، مقامي حڪومتن جو اهڙو نظام آڻي رهيا آهيون جنهن سان عوام کي سهولت ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فيصل آباد جي روانگي واپار ڪندڙن ۽ واپار?? برادري جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو،