اسلام آباد – 24 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ اردن ج?? سفير ميجر جنرل (ر) ابراهيم يالا المدني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مسلمان ملڪن ۾ ويجهن رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئ??. ا?? موقعي تي ڳالهائيندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان ۽ اردن ج?? وچ ۾ لاڳاپا مذهب، ڀائيچاري، سخاوت ۽ تاريخ جي مضبوط بنياد تي قائم آهن، پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي اسلامي ڀائر ملڪن ج?? وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ٻنهي ملڪن ج?? پارليامينٽ جي ميمبرن ج?? پارلياماني سطح تي مٽاسٽا سان ٻنهي قومن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. پاڪستان ۽ اردن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا.