اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز، عضون، ۽ لاڳ??پي?? لوازمات تي ڪسٽم ڊيوٽي کان ڇوٽ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته گڏيل معذوري واري ماڻهن کي هنرمند ?? انهن جي ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت اجلاس ج?? صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري اڪرام الله خان ??زارت پاران ان ڏس ۾ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گڏيل معذوري واري ماڻهن کي هنرمند ?? انهن جي ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو، خصوصي ماڻهن جي روزگار ۽ صحت جون ضرورتون ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي معاشرتي ۽ معاشي چئلينجز درپيش آهن، خصوصي ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ حڪومت ۽ معاشري جي اجتماعي ذميداري آهي.