اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اٽي جي ق??متن ۾ استحڪام آڻڻ ۽ عوام کي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ حڪومت جي لا??ِ اول??ن اهميت رکي ٿي، حڪومت سمورين ڌرين جي مشاورت سان ضروري قدم کڻندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ سنڌ صوبي جي فلور ملز ايسوسيئيشنز جي موجوده ۽ اڳوڻن چيئرمين ۽ نمائندن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ ۾ اٽي جي فراهمي ۽ مناسب قيمتن تي دستيابي جي حوالي سان مختلف تجويزون ۽ مستقبل جي لا??حه عمل جي حوالي سال معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين، صنعت وارو وزير مخدوم خسرو بختيار، نيشنل فورڊ سيڪيورٽي وارو وزير سيد فخر امام، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، وزيراعظم جو صل??حڪ??ر عبدالرزاق دائود، جميشد اقبال چيمه ۽ اعليٰ آفيسر به اجلاس ۾ ??ري?? هئا. چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز به اجلاس ۾ وڊيو لنڪ جي ذريعي ??ري?? ٿيا. وفد وزيراعظم کي فلور ملز نمائندن جي مسئلن جي حل جي حوالي سان ملاقات ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو، وفد ڪڻڪ جي ملڪ ۾ وقت سر فراهمي ۽ عوام الناس کي اٽي جي مناسب قيمتن ۾ دستيابي، ڪڻڪ جي ب??ن الصوبائي چرپر کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون.