اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان معيشت جي استحڪام لاءِ صنعتي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت روانگي واپار وڌائڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون فراهم ڪري ??هي آهي جنهن سان نه رڳو واپاري ??سارو گهٽ ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو، پر ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ٽيڪس جي نظام جي بهتري لاءِ سڌارا جاري ??هن، سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت سان ان عمل ۾ تيزي ۽ بهتري ??يندي جڏهن ته ملڪ جي سموري وڏن صنعت ۽ واپار جي ايوانن حڪومت جي ڪاروباري ??وست پاليسين ۽ ڪاروباري ۾ آساني لاءِ کنيل قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڪاروباري ??رادري ??ي مشاورت سان ٽيڪس روينيو وڌائڻ جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو ويو آهي. وزيراعظم عمران خان سان ملڪ جي وڏي چيمبر آف ڪامرس جي صدر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، وزيراعظم جو واپار ۽ سيڙپڪاري ??ابت صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر کا??سواءِ لاڳاپيل عملدار به موجود هئا، جڏهن ته ناڻي وارو وزير شوڪت فياض ترين وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو. ملاقات واپار واري وزارت طرفان شروع ڪيل حڪومت ۽ ڪاروباري ??رادري ??ي وچ ۾ تجويزن جي مٽاسٽا ۽ حڪومتي پاليسين تي آگاهي وڌائڻ جي سلسلي جي ڪڙي آهي. ملاقات ۾ وفاق ايوان صنعت ۽ واپار جو صدر سان گڏوگڏ ڪراچي، لاهور، سرحد، ڪوئيٽا، گجرانوالا، سيالڪوٽ، فيصل آباد، گجرات، ملتان، سرگوڌا، گوادر، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي چيمبرز جا صدر ۽ نائب صدر به موجود هئا. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم ۽ سندس معاشي ٽيم کي ڪورونا وائرس جي وبا جي ب??وجود ملڪ ۾ ڪامياب معاشي پاليسين جي ڪري ??قريبن 4 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ، وڏين صنعتن جي واڌ جي شره ۾ 15 سيڪڙو تائين اضافي، برآمدي صنعت لاءِ سهولتن ۽ رڪاوٽن جي ازالي، اسٽيٽ بئنڪ جي وچولي ۽ ننڍين صنعتن لاءِ مراعتن (جنهن ۾ مشينري لاءِ قرض شامل آهن) ۽ ڪاروباري ??رادري کي ازبڪستان جي واپاري ??لاحيت مان فائدو کڻڻ لاءِ انهن سان گڏ رکڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کا??سواءِ ٽيڪس روينيو ۽ روانگي اوپار ۽ ٻاهرين ملڪن مان مٽاسٽا جو ناڻي ۾ اضافي تي وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪئي، شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي پهريون ڀيرو ڪاروباري ??رادري ??ي مسئلن جي حل لاءِ انهن جون تجويزون سڌيون سنئيون ٻڌڻ جي ان قدم کي به ساراهيو ۽ ماضي ۾ ان طرح جي ڪنهن قدم جي موجودگي نه هجڻ جي ڪري ??ڪومت ۽ ڪاروباري ??رادري ??ي وچ ۾ موجود ويڇي سان ملڪ ۾ ڪاروبار جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جو به ذڪر ڪيو. شرڪت ڪندڙن اجلاس ۾ ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ته ڪاروباري ??رادري ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ ٽيڪس نظام ۾ سڌارن لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪندي. وزيراعظم ملڪيم عيشت جي مضبوطي لاءِ صنعتي ترقي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت برآمدات وڌائڻ لاءِ صنعتن کي سهولتون فراهم ڪري ??هي آهي جنهن سان نه رڳو واپاري ??سارو گهٽ ٿيندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو پر ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪس جي نظام جي بهتري لاءِ سڌارا جاري ??هن، سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت سان ان عمل ۾ تيزي ۽ بهتري ??يندي. وزيراعظم وفاقي وزيرن کي اسٽيڪ هولڊرز سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ انهن جون تجويزون ۽ مسئلا ٻڌڻ لاءِ باقاعدگي سان ملاقاتن جي هدايت جاري ڪئي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سياحت جي صنعت جي ترقي لاءِ لائحه عمل، زراعت جي ترقي لاءِ جامع ايگريڪلچرل پلان ۽ صنعتن کي مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪري ??هيا آهيون، موجوده حڪومت صنعتڪارن ۽ ڪاروباري ??رداري کي سهولتون فراهم ڪرڻ کا??پوءِ پنهنجو ڌيان هاڻي مشاورت سان مسئلن جي حل لاءِ ڪوششن تي ڏئي رهي آهي.