اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي حڪو??تن تع??يم جي فروغ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون، ماڻهن کي تع??يم جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو موقعو نه ڏيڻ ظلم ۽ ناانصافي آهي، ٻارڙين جي تع??يم کي اهميت نه ڏئي ملڪ جو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو ويندو رهيو آهي، اسڪول گهرن کان پري هجي ۽ استادن جي کوٽ هجي ته مسئلا پيدا ٿين ٿا، موجوده حڪومت جي ڪوشش آهي ته غريب خاندانن جي ٻارن کي تع??يم جي سهولت فراهم ڪري، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان اسڪول وظيفا پروگرام کي شفاف بڻائڻ ۽ موثر نگراني ۾ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس پروگرام تحت مست??ق خاندانن جي لاءِ اسڪول وظيفا ج??ري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تع??يم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم جي سماجي ڀلائي ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ موجود هئي. وزيراعظم چيو ته مست??ق خاندانن جي لاءِ اسڪول وظيفا ج??ري ڪرڻ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان پروگرام جا ٻه اهم رخ آهن، پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ ٻار اسڪول نه پيا وڃن، هڪ ته انهن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ۽ تع??يم جي زيور کان آراسته ڪرڻ آهي، بدقسمتي سان انهن کي اڳ ۾ اهميت نه ڏني وئي، اهو ئي سبب آهي جو ٻارن جو ايترو وڏو انگ اسڪول نه وڃي رهيو آهي، ملڪ جو سڀ کان وڏو سرمايو ان جي عوام هوندي آهي ۽ جڏهن اسان پنهنجي ماڻهن کي تع??يم نه ٿا ڏيون ته نه رڳو اهو سرمايو ضايع ڪريون ٿا پر ان تي اهو ظلم ۽ ناانصافي به ڪريون ٿا ته انهن کي ترقي جو موقعو نه ٿو ملي. وزيراعظم چيو ته تع??يم جي فروغ لاءِ وظيفا ۽ سهولت ڏئي رهيا آهيون، ٻارڙيون وڌيڪ اسڪول کان ٻاهر آهن ۽ خاص طور ٻارڙين جي تع??يم کي ماضي ۾ اهميت نه ڏني وئي، ٻارڙين جي تع??يم کي اهميت نه ڏئي ملڪ جو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو ويندو رهيو آهي، تع??يم يافته عورت مرد کان وڌيڪ معاشري کي فائدو پهچائي سگهي ٿي ۽ پڙهيل لکيل ماءُ ٻارن جي تربيت ۽ سارسنڀال وڌيڪ بهتر ڪري ٿي، ٻارڙين جي تع??يم حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي، پرائمري ڪلاسن جي ٻارڙين کي 2000 رپيا ۽ ٻارن کي 1500 رپيا ٽه ماهي وظيفو ڏنو ويندو، حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته غريب خاندانن جي ٻارن کي تع??يم جي سهولت فراهم ڪري. هن چيو ته ان اسڪيم سان تع??يم جي لاءِ ٻارن ۽ ٻارڙين جي حوصلا افزائي ٿيندي، اولهه ۾ اهو تاثر موجود آهي ته شايد اسان پنهنجي ٻارڙين کي تع??يم نه ٿا ڏيارڻ چاهيون جڏهن ته ائين نه آهي ۽ هر پاڪستاني پنهنجي ٻارڙين کي تع??يم جي زيور سان آراسته ڪرڻ جو خواهشمند آهي پر ڪجهه جاين تي اسڪول پري هوندا آهن ۽ استاد به ناهن هوندا جنهن جي ڪري مسئلا پيدا ٿين ٿا، ميانوالي جي تعلقي عيسيٰ خيل جي ڪجهه علائقن ۾ اهڙي صورتحال رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي جي حڪو??تن جي ذميو??ري هئي ته اهي تع??يم جي لاءِ سهولتون فراهم ڪن ها پر انهن پنهنجي ذميو??ري پوري نه ڪئي. هن چيو ته اسان جي حڪومت تع??يم جي سهولت وڌائڻ ۽ ٻارن جي داخلا جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ان پروگرام کي شفاف بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان جعلي انٽريز ۽ گهوسٽ اسڪول جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهبو ۽ موثر نگراني پڻ ڪري سگهبي. هن اسڪيم ج??ري ڪرڻ تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.