اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اع??يٰ تعليم جي فروغ لاءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ، يونيورسٽين ۾ اع??يٰ تعليم کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي ب??تر??ن استعمال جي لاءِ نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ملڪ ۾ اع??يٰ تعليم جي فروغ ??ان لاڳاپيل معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن جي دپٽي چيئرمين ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته هلندڙ مالي سال 22 – 2021ع جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي ملڪ ۾ اع??يٰ تعليم جي فروغ لاءِ 168 منصوبن تي عملدرآمد جي لاءِ 42 ارب رپيا رکيا ويا آهن. انهن منصوبن ۾ 29 ارب رپيا ماليت ج?? 128 جاري منصوبا جڏهن ته 12 ارب رپيا ماليت ج?? 40 نوان منصوبا شامل آهن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اع??يٰ تعليم جي فروغ لاءِ جاري اهم منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم ملڪي وسيلن جي موثر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي مدد ??ان هلندڙ وظيفن جي پروگرام جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم صوبن ۾ وفاقي حڪومت جي معاونت ??ان هلندڙ مختلف يونيورسٽين ۾ اع??يٰ تعليمي معيار کي يقيني بڻائڻ ۽ وفاق پاران مهيا ڪيل مالي وسيلن جي بهتر استعمال جي حوالي ??ان نظام جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن تعليمي نظام ۽ يونيورسٽين جي حوالي ??ان پڻ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن اع??يٰ تعليم جي فروغ جي لاءِ حڪومتي پاليسين کي موثر طريقي ??ان لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراعظم فني ۽ پيشيواراڻي تعليمي نظام جي فروغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن نوجوانن کي جديد دور جي گهرجن موجب علم ۽ هنر ??ان ليس ڪري موجود موقعن مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻائي سگهجي.