لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? آهي ت?? ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مدي واري امن جو خواب ڪڏهن پُورو نٿو ٿي سگهي. اها ڳالهه هن لنڊن ۾ ڪشمير سان تعلق رکندڙ مشهور برطانوي پاڪستاني اڳواڻن سان ملاقات دوران چئي. پرڏييه وزير والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي جائز حق ”خودمختياري واري حق“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر آواز بلند ڪرڻ جي حوالي سان برطانوي پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو ۽ والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين کان شرڪت ڪندڙن ??ي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن سميت عالمي سطح تي کڻڻ جي حوالي سان پاڪستان جي مسلسل ۽ اڻٽر ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چي?? ته حڪومت پاڪستان تازو ئي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل هڪ ڊوزيئر جوڙيو آهي، ان ڊوزيئر ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا تفصيل شامل آهن. شاهه محمود قريشي چي?? ته برطانوي پارليامينٽ ۾ والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان ”مباحثي“ جو انعقاد خوش آئنده آهي، برطانوي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ان مباحثي هڪ دفعو بيهر والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? ته برطانوي پاڪستاني ڪميونٽي، هٿين خالي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي منظر عام تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. هن ڪشميري قيادت کي خاطري ڪرائي ت?? پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد، جي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. دنيا کي اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ت?? جيستائين ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طور تي حل نٿو ڪيو وڃي، تيستائين ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي امن جو خواب ڪڏهن شرمنده ت??بي?? نٿو ٿي سگهي.