اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عالمي دنيا کي بهترين انداز ۾ باور ڪرايو ته افغان جنگ جو سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پاڪستان کي ٿيو، هاڻي دنيا کي گهرجي ته ماض?? جي غلطي کي نه ورجائي پر افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪوشش ڪري، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ دليراڻ?? انداز سان مود?? جي ظالماڻي نظريي آر ايس ايس کي ايڪسپوز ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڀرپور دليلن سان ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ ارڏي سفير هجڻ جو ڪردار ادا ڪيو. هن سيد علي گيلان?? جي ميت کي اسلامي ر??من سان شهيدن جي قبرستان ۾ دفنائڻ جي مطالبي تي زور ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ انتهائي پراعتمادي سان حقيقتون سامهون رکيون ۽ ڪيترن کي ئي آئينو پڻ ڏ??کا??يو، الحمدالله پاڪستان ۾ اهڙو وزيراعظم موجود آه?? جيڪو قومي مفاد ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ترجيح ڏي ٿو.