رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا گڏيل لاڳاپا لازوال آهن، سعودي عرب مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، سعودي عرب جي سلامتي کي ڪنهن به قس?? جي خطري تي پاڪستان ان جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي، ڀارت سان پاڪستان جو رڳو ڪشمير جو تڪرار آهي، جيڪڏهن گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڀارت ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏي ها ته ڀارت سان پوءِ اسان جو ڪو جهيڙو نه آهي، سعودي سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان پرڪشش ملڪ آهي. هو پاڪستان سعودي عرب انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم عمران خان گهٽ وقت ۾ انويسٽمينٽ فورم منعقد ڪرڻ تي انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفليع جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا گڏيل لاڳاپا لازوال آهن جن جون پاڙون عوامي سطح تي آهن، پاڪستان ۾ ڪا به حڪومت هجي سعودي عرب سان خصوصي لاڳاپا برقرار رهن ٿا، سعودي عرب حرمين شريفين جي سدرزمين آهي، سعودي عرب هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي استحڪا?? جي ڪري عوامي لاڳاپا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏيندڙ پنهنجي مخلص دوستن کي ياد رکي ٿو. هن چيو ته ??يڪڏهن سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي کي ڪو خطرو درپيش هجي ته پاڪستان سدائين سعودي عرب سان گڏ بيٺل رهندو. وزيراعظم چيو ته ??عودي ولي عهد محمد بن سلمان جي ولولا انگيز قيادت ۾ پنهنجي ملڪ ۾ وڌيڪ مثبت تبديليون آڻڻ جو جذبو آهي. وزيراعظم چيو ته 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي معيشت دنيا ۾ تيزي سان اڀرندڙ معيشتن ۾ شامل هئي، ان جا ادارا مضبوط هئا، پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز دنيا جي چوٽي جي 5، 6 ايئرلائينن ۾ شامل هئي، ان وقت پاڪستان صحيح رخ ۾ گامزن هو جڏهن ته ??دقسمتي سان اسان ان رستي تان ڀٽڪي وياسين، هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر اسان انهي رستي تي گامزن ٿي رهيا آهيون، صنعتن کي مراعتون ڏئي رهيا آهيون. وزيراعطم چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ جي ابادي ۾ اڪثريت 30 سالن کان گهٽ عمر آهي جيڪا هڪ شاندار صلاحيت آهي جيڪا ترقي ۾ اهم ڪردار رکندڙ آهي، پاڪستان جي نوجوان افرادي قوت ۽ جاگرافيائي بيهڪ ان جي اهميت ۾ اضافو ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ايشيائي ۽ ان کان پـٺتي جي مارڪيٽن لاءِ گيٽ وي آهي ۽ پاڪستان پنهنجي ان جيو حصيداري تحت جديد رخن تي علائقائي رابطن جي بنياد تي بين العلائقائي واپار جي لاءِ موقعن جي آڇ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي پاڙيسري ۾ دنيا جون ٻه بهترين مارڪيٽون آهن، پاڪستان جا چين سان لاڳاپا شاندار آهن، جيڪڏهن ڀارت سان ڪشمير جو تڪرار پرامن طور تي حل ٿي وڃي ٿو ته ??نهن موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي ٿو. هن شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو تهپ اڪستان ۾ سمورن شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري، سرمائي جي واپسي سان گڏ ۽ بنا ڪنهن پابندين جي ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ??فغانستان جي ذريعي وچ ايشيائي ملڪن تائين پهچ ممڪن آهي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ وسيع موقعا آهن، سعودي سيڙپڪاري جي لاءِ پاڪستان پرڪشش ملڪ آهي، سعودي ڪاروباري برادري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ??التن ۾ تبديلي ايندي رهندي آهي، پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري هر ڪنهن جي لاءِ موقعا رکي ٿو، سعودي ڀائرن وٽ راوي اربن سٽي ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا آهن، ان کانسواءِ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ لاهور ۾ پڻ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن، ان کانسواءِ ايڪوا پاور ۽ درياءَ سنڌ جي ڪناري ٽي لک ايڪ?? زمين کي زرعي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي موقعن مان سيڙپڪار فائدو کڻي سگهن ٿا. هن سعودي سيڙپڪارن کي دعوت ڏني ته ??هي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪن. هن زور ڏنو ته ??قتصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ نجي شعبي مان فائدو کڻڻ گهرجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جا نجي شعبا واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ موجود صلاحيت مان فائدو کڻندي ٻطرفي پرجوش لاڳاپن مان ڀرپور فائدو کڻندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ مذهب ملڪ طور دنيا سان گڏيل احترام تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند آهي، ڀارت مهذب پاڙيسري وانگر جيڪڏهن والاريل ڪشمير جو معاملو ڪشميري عوا?? جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪري ته ??سان جو ڪو جهيڙو نه آهي، ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي گارنٽي گڏيل قومن 72 سال اڳ پنهنجي قراردادن ۾ ڏني آهي. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ??عودي عرب سان لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچن، گڏيل لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا. ان موقعي تي سعودي ڪمپنين ايس اي بي آءِ سي، اي سي ڊبليو اي پاور، مادن ايس اي ايل آئي سي، ايل زمل گروپ، ايل باواني گروپ، رياض بئنڪ ۽ انٽر پرينيورز جي نمائندن ۽ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن شرڪت ڪئي جڏهن ته ??عودي عرب جي سيڙڪاري واري وزير انجنيئر خالد ايلفليع، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين ۽ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر پڻ خطاب ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان جي جيو پوليٽيڪل کان جيو اڪنامڪ منتقلي ۽ توانائي واري وزير پاڪستان ۾ زراعت، توانائي، لائيو اسٽاڪ ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن تي زور ڏنو. سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڊگهي مدي ۽ مثالي لاڳاپن تي زور روشني وجهندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو ويندو.