اسلام آباد – په??ين نومبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان ناليواري ڪرڪيٽرز سر ويوين رچرڊس ۽ ڊيوڊ گاور ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي ڪرڪيٽ جي فروغ خاص طور تي گهٽ عمر جي راند??گر?? جي لاءِ سهولتون ۽ موقعا فراهم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلينٽ جي ڪا کوٽ نه آهي، حڪومت نوجوان راند??گر?? کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هر علائقي ۾ راندين جا ميدان ٺاهڻ جي هدايت ڏني آهي ته جيئن ٻارن ۽ نوجوانن کي صحتمند تفريح جا موقعا ملي سگهن. ٻنهي ڪرڪيٽرز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي تازين مئچن ۾ پاڪستان ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.