ڪراچي – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پاڪستان جي سڀ کان پهرين انٽريڪٽو سائنس سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ??قريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آه?? ۽ تعليم سان گڏوگڏ شاگردن کي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ فزڪس جا عملي ورڪشاپس پڻ مهيا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آه??. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر چيو ته اسان پنهنجي تڪ جي اسڪولن ۾ سائنسي ميلو منعقد ڪيو ۽ جنهن شوق سان شاگردن ميلي ۾ شرڪت ڪئي اهو ڏسڻ وٽان هو. هن چيو ته اسان کي جديد سائنسي علم ۽ رياضي ۾ شاگردن کي سهولتون ڏيڻيون پونديون ته جيئن اسان جي نئين نسل جديد دور جي گهرجن سان هڪ جهڙائي رکي سگهي. تقريب کي ميگنيفي سائنس سينٽر جي چيئرمين حسين دائود پڻ ??طاب ڪيو. ان موقعي تي ??در پاران حوصلا افزائي تي ??ندس ٿورا به مڃ??ا. بعد ۾ ڊاڪٽر عارف علوي سائنس سينٽر جو دورو ڪيو ۽ تجربيگاهن جو پڻ معائنو ڪيو.