اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قري??ي چيو آهي ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل تعاون سدائين م??بت نتيجا رکندڙ رهيو آهي، پاڪستان ??عيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. اها ڳالهه هن آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي ??ي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ??اڪ آمريڪا لاڳاپن، اقتصادي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ ترقي ۽ تعمير لاءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جو گڏيل تعاون سدائين م??بت نتيجا ڏيندڙ رهيو. شاهه محمود قري??ي چيو ته پاڪستان ??عيشت جي ترجيح جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، هن چيو ته آمريڪا، پاڪستان ??ي سڀ کان ??ڏي برآمدي منڊي آهي، آمريڪي ڪمپنيون، 200 ملين آبادي تي مشتمل پاڪستان جي اڀرندڙ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري بهترين منافعو ڪمائي سگهن ٿيون، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي دوري تي آيل ايوان ??مائندگان ۾ پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جي چيئرمين گريگوري ميڪس ۽ ڪانگريس ۾ ايمي بيرا سان ??يندڙ ملاقات انتهائي لاڀائتي رهي. پاڪستاني ڄائي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ڊاڪٽر آصف محمود ڪابل مان آمريڪي شهرين جي محفوظ نموني نڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو.