اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريءَ ۾ سخت برفباري ۾ قيمتي انساني جانين جو زيان انتهائي افسوسناڪ آهي، پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، هن وقت حڪومت جي ??رجيح ڦاٿل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي، برفباري بابت انتظاميا شهرين کي اطلاع ڪندي رهي آهي، مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريا?? واري مملڪتي وزير نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته نٿيا گليءَ سان گڏ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي ??رحدي جڳهه باڙيان ۾ اهو افسوسنا?? واقعو پيش آيو، اتي سخت برفباري جي ڪري رستا بند ٿيڻ سان امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، حڪومت جي ??رجيح ڦاٿل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي. مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هاڻي باڙيان واري جڳهه تي وڏي مشين??ي سان امدادي ڪارروايون جاري آهن، هن مشڪل صورتحال ۾ مقامي ماڻهن جو ڪ??دا?? به ساراهه جوڳو آهي جن سياحن جي لاءِ پنهنجي گهرن جا دروازا کولي ڇڏيا، باقي مقامي ماڻهو به اڳتي اچن، مريءَ ۽ ڀرپاسي ۾ سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، ڦاٿل سياحن کي گرم ڪپڙا، ڪمبل، کاڌي پيتي جون شيون به پهچايون پيون وڃن.