اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معاشري ۾ مثبت تبديلي جي لاءِ مولانا ظفر علي خان جي صح??فتي ميراث تي عمل پير?? ٿيڻ جي ضرورت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر علي خان ٽرسٽ جي چيئرمين خالد محمود جي قيادت ۾ وف?? سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته مولانا ظفر علي خان اردو ادب ۽ ذميواراڻي صح??فت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ميڊيا کي ملڪ ۾ باوثوق ۽ غيرجانبدار صح??فت جي فروغ لاءِ مولانا جي نظرين تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مولانا جي تعليم قوم جي تعمير ۽ فيڪ نيوز جي چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا ظفر علي خان کي هڪ رول ماڊل قرار ڏيندي چيو ته ميڊيا کي ان جي نقش قدم تي هلڻ جي ضرورت آهي، ا??ندڙ نسلن کي صح??فت، ادب، فنون ۽ تاريخ جي شعبن ۾ مولانا جي زندگي ۽ ڪارنامن کان روشناس ڪرائڻ گهرجي. وف?? پاران صدر کي مولانا ظفر علي خان ميموريل ٽرسٽ جي ڪردار تي بريفنگ ڏني وئي. وف?? مولانا جي صح??فتي ۽ ادبي لکڻين کي محفوظ ۽ فروغ ڏيڻ جي حوالي سان ٽرسٽ جي خدمتن بابت آگاهه ڪيو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽرسٽ مولانا جي فلسفي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان جي زندگي بابت تحقيقي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪري رهيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مولانا ظفر علي خان مرحوم جي ادبي تخليقن جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ٽرسٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.