اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا جي سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان کان اڳ نيوزي لينڊ جي هاءِ ڪمشنر مائيڪل ويهي ميليسٽونگاوالش، يوگنڊا جي هاءِ ڪمشنر محمد تيز يڪوبا ڪسمبيرا، ميڪسيڪو جي سفير گيلر مواليجينڊر وپيوينٽي ۽ ڊوريڪا ۽ گهانا جي سفير ايررڪ اووسابوٽينگ صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
ان ??وقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان 220 ملين کان ????يڪ آبادي ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جا بي پناهه امڪانن جو حامل اهم ملڪ آهي، هن نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي و??يڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان علائقائي واپار ۽ رابطن جي مرڪز جي طور تي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي مختلف خطن جي و?? ۾ واپار ۽ رابطن کي و??يڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن سفيرن کي اهو به چيو ته هو پنهنجي ملڪن جي واپارين کي ڪاروبار دوست ماحول مان ??ائدو کڻڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏين، سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪستان سان ??ختلف شعبن ۾ ٻط??في لاڳاپن کي و??يڪ سگهه ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندا، هن و??يڪ چيو ته پاڪستان ??ائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبن سميت پنهنجي زرعي شعبي جي ترقي کي تمام گهني اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل فائدي جي لاءِ انهن شعبن ۾ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ چاهي ٿو. هن دوست ملڪن سان ??ط??في لاڳاپن کي و??يڪ فروغ ڏيڻ لاءِ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر دوست ملڪن سان تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ نون مقرر سفيرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.