اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چ??ئر??ين محمد صادق سنجراڻي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ٻنهي ايوانن ۾ قانونسا??ي ۽ بين معاملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. سينيٽ چ??ئر??ين چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سٺيون روايتون قائم ڪيون آهن ۽ هڪ ٻئي سان انتظامي سطح تي رابطي کي تمام گهڻي اهميت ڏن?? وئي آهي. سينيٽ چ??ئر??ين محمد صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ قانونسا??ي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان تعاون مثالي رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ايوانن پاران التوا هيٺ پيل قانونسازي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چ??ئر??ين مرزا محمد آفريدي ۽ ٻيا سينيئرز پڻ موجود هئا.