اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مون کي پاڪستان جو آئين ڇوٽ ڏي ٿو پر آئون ڇوٽ نه ٿو وٺڻ چ??هي??ن، پاڪستان جي آئين جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئين آهي، ڪيسز ڊگهو عرصو هلندا رهن ٿا ۽ ان دوران گواهه لاڏاڻو ڪري و??ن ٿا، ڪاغذ وڃائجي و??ن ٿا ۽ ياداشتون ختم ٿي و??ن ٿيون، آئون سموري عدليه کي به درخواست ڪندس ته فيصلا وقت تي ٿين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي صدارتي ڇوٽ نه وٺندي دهشتگردي جي خاتم?? واري عدالت ۾ پيش ??يو. دهشتگردي جي خاتم?? واري عدالت جي جج محمد علي و??ائچ ٻڌڻي ڪئي. صدر 2016ع جي پنهنجي خلاف هٿيارن واري ڪيس ۾ عدالت ۾ حاضرو ٿيو. صدر صدارتي ڇوٽ نه وٺي عدالت آڏو پيش ??يڻ جي درخواست ڪئي هئي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهيرالدين بابر اعواڻ وڪيل طور عدالت ۾ پيش ??يو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بابر اعواڻ سان گڏ عدالت ۾ پيش ??يو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۾ هڪ مثال قائم ڪرڻ چ??هي??ن ٿو. آئون صدارتي ڇوٽ ختم ڪرائڻ چ??هي??ن ٿو ان لاءِ پيش ??يس. هن چيو ته آئون چ??هي??ن ٿو ته پاڪستان ۾ سڀ عدالتن جو احترام ڪن. جيستائين امير غريب سڀ برابر نه ٿيندا انصاف نه ٿيندو. آئون سموري عدليه کي به درخواست ڪندس ته فيصلا وقت تي ٿين. هتي ڪيس نسلن سان گڏ هلندا رهن ٿا. صدر چيو ته ڪيسز ڊگهو عرصو هلندا رهندا آهن، ان دوران گواهه مري و??ن ٿا، ڪاغذ وڃائجي و??ن ٿا ۽ ياداشتون ختم ٿي و??ن ٿيون. مون اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيترا خليفا آيا اهي عدالتن ۾ وڏي باوقار انداز سان پيش ??يا، ڇوٽ جي گنجائش نه آهي، پاڪستان جي آئين جو پابند آهيان، قرآن پاڪ ان کان وڏو آئين آهي. مون کي پاڪستان جو آئين ڇوٽ ڏي ٿو پر آئون اها ڇوٽ وٺڻ نه ٿو چ??هي??ن. 2016ع ۾ مون تي الزام هنيو ويو هو، انهي عدالت کان ضمانت به ورتي هئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي گاڏي پاڻ هلائي عدالت مان واپس روانو ٿيو. صدر جي اچڻ کان اڳ ڪا اضافي سيڪيورٽي، نفري يا روٽ نه لڳايو ويو.