اسل??م آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) سعودي ??رب جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين فيصل بن فرحان السعود چيو آهي ته عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا، اس??ن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان اجلاس کي خطاب ڪندي هن چ??و ته هو پا??ست??ن جو ٿورائتو آهي جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت تي شاندار آجيان ڪئي. هن پا??ست??ن جي 75 هين پا??ست??ن جي ڏهاڙي ۽ قوم ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي پا??ست??ن جي خوشحالي ۽ وڌيڪ ڪاميابين جي دعا ڪئي. هن چ??و ته جنرل اسيمبلي ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد جي منظوري مسلمان امت جي ڪاميابي آهي. ان ڏس ۾ پا??ست??ن پاران قرارداد پيش ڪرڻ ۽ او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ سيڪريٽري جنرل جي ڪردار تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چ??و ته اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۾ مددگار ٿيندو، سعودي ??رب فلسطين مسئلي تي فلسطينين جي حمايت جاري رکندو، اس??ن عالمي قراردادن موجب فلسطين جي مسئلي جو پرامن حل چاهيون ٿا ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ اتان جي عوام جو حق آهي. هن چ??و ته يمن ۾ حوثي مليشيا کي هٿيارن جي فراهمي بند ٿيڻ گهرجي. يمن جي عوام کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري هيا آهيون. هن چ??و ته اس??ن ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته افغانستان جي لاءِ انساني بنيادن تي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ هڪ خوش آئنده قدم آهي. ان فنڊ ذريعي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي مدد ڪري سگهبي.