اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اي آر وائي نيٽ ورڪ جي باني سي اي او ۽ ڪراچي ڪنگز جي ما??ڪ سلمان اقبال ک?? ستاره امتياز ملڻ تي مبارڪباد پيش ڪندي چي?? آهي ته سلمان اقبال پي ايس ايل جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته سلمان اقبال جي اڻٿڪ ڪوششن جي ڪري ڪيترائي عالمي رانديگر پاڪستان آيا. هن چي?? ته سلمان اقبال پاڪستان ۾ فلمي صنعت جي فروغ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، اي آر وائي ڊيجيٽل نيٽ ورڪ ڪيتريون ئي سپر هٽ فلمون ريليز ڪيون. هن چي?? ته ڪرڪيٽ جي شعبي ۾ غيرمعمولي خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان رياست پاران سلمان اقبال ک?? ستاره امتياز ملڻ هڪ وڏو اعزاز آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سلمان اقبال ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار جاري رکندو.