اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي امن سپاهه جي عالمي ??ينهن تي پاڪستاني امن دستن جي ڪوششن ۽ قربانين کي خراج تحس??ن پيش ڪندي چيو آهي ته عالمي امن جو فخر جوڳو فرض نڀائيندڙ گڏيل قومن جي امن دستن کي سلام پيش ڪريون ٿا، گڏيل قومن جي امن ڪاررواين ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 لک دستا فراهم ڪرڻ پاڪستان جي امن دوستي ۽ امن پسندي جو اظهار آهي. گڏيل قومن جي امن سپاهه جي عالمي ??ينهن جي موقعي تي پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستاني امن سپاهه جي قربانين ۽ ڪوششن جو موجوده سيڪريٽري جنرل سميت گڏيل قومن جي اداري ۽ عالمي سطح تي اعتراف اعزاز آهي، 1960ع کان 2022ع تائ??ن پاڪستاني امن دستن ۾ شامل آفيسرن ۽ جوانن قابل فخر ۽ م??ال?? ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته قوم جي فرزندن ۽ ڌيئرن سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ، انساني خدمت ۽ م??ال?? پيشيواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. وزيراعظم چيو ته امن ڪاررواين جي دوران پاڪستان جي 169 فزندن شهادت جو عظيم مرتبو ماڻيو، اسان شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي طرز عمل ۽ مشڪل ترين حالتن ۾ م??ال?? ڪارڪردگي جو اعتراف فخر جوڳو آهي، امن ڪاررواين جي لاءِ هٿياربند فوج، رينجرز، ايف سي ۽ پوليس جي خدمتن کي خراج تحس??ن پيش ڪريون ٿا.