اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي ماٺ ڪري ويهڻ ۽ 2023ع تائين انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته عمران خان شه??از شريف جي ڪارڪردگي کان ڊنل آهي، عمران خان کي خبر آهي ته شه??از شريف انهي محنت ۽ ڌيان سان ڪم ڪندو رهيو ته مهانگائي گهٽ ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته عمران خان کي خبر آهي ته شه??از شريف معيشت ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن کي اها به خبر آهي ته شه??از شريف سمورن ملڪن کان خراب لاڳاپن کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو، هن چيو ته عمران خان کي يقين آهي ته شه??از شريف کي ڪم ڪرڻ ڏنو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري واپس آڻيندو، شه??از شريف انشاءُ الله نوجوانن کي روزگار ڏيندو. هن چيو ته احتساب، مديني جي رياست، سازش جا بيانيا دفن ٿيڻ کانپوءِ عمران خا?? جو نئون بيانيو ڏيڍ مهيني جي ڪارڪردگي بڻجي ويو آهي، هن چيو ته پنهنجي نالائقي، نااهلي، ڪرپشن ۽ سياسي منافقت جو چهرو آئيني جي سامهون ڏسي ۽ پوءِ تقرير ڪندو وڃي، ماٺ ڪري گهر ويهو ۽ 2023ع ۾ وڌيڪ رد ٿيڻ جو انتظار ڪيو، وفاقي وزير چيو ته شه??از شريف توهان جي تباهه ڪيل معيشت سنڀاليندو ۽ توهان جي پکيڙيل فتني جو به خاتمو ڪندو. عمران خان 2014ع ۾ ڪنٽينر تي به نواز شريف ۽ شه??از شريف، حڪومت ۾ به نواز شريف ۽ شه??از شريف ۽ پوءِ ڪنٽينر تي نواز شريف ۽ شه??از شريف جي خلاف ڳالهائيندو رهيو، هن چيو ته شه??از شريف عمران خان جي تباهه ٿيل معيشت کي ٺيڪ ڪري رهيو آهي، ان جي لڳايل مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي جي باهه شه??از شريف وسائي رهيو آهي، چار سالن ۾ معاشي تباهي ۽ مهانگائي آڻيندڙ لاڏلو ڏيڍ مهيني جو حساب گهري رهيو آهي. اي پي پي/ر – م/ش – چ 19:45