حيدرآباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سڄي ملڪ وانگر حيدرآباد ۾ به ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي سلسلي ۾ استحصال ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي ت?? ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو ۽ ايڊيشنل ڪمشنر ون حيدرآباد فرخ شهزاد جي قيادت ۾ شهباز بلڊنگ حيدرآباد کان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو جيڪا ٿڌي سڙڪ کان ٿيندي پوسٽ ماسٽر جنرل جي آفيس تي پڄاڻي ت?? پهتي. واڪ جي پڄاڻي ت?? خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشميري مسلمانن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي جڏهن ته ڀارت پنهنجي طاقت ذريعي ڪشميري ڀائرن تي ظلمن جو سلسلو بند ڪري، دنيا ۾ ڀارت جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي ت?? هو هڪ ظالم ۽ جابر ملڪ آهي جيڪو بيگناهه ڪشميري ڀائرن تي ظلم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستن جو هر شخص آخري دم تائين ڀارت جي اهڙي ناروا سلوڪ جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪندو رهندو. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو وڌيڪ چيو ته ڪشمير پاڪستان جو حصو آهي ۽ اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميرين کي ڀارت جي ظلمن مان ڇوٽڪارو ملندو، ا??ان بحيثيت پاڪستاني پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. واڪ ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد قائم اڪبر نمائي، ا??سٽنٽ ڪمشنر هيڊ??وا??ٽر ڪمشنر آفيس سجاد کهڙو، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر محبوب الزمان، ا??سٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر رضا محمد ميمڻ، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي آفيسرن کانسواءِ سماجي ت??ظيمن ڀائي خان ويلفيئر ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري محمد ياسين آرائين، يوٿ ويلفيئر سوسائٽي جي ب??ني ۽ جنرل سيڪريٽري سيد فهيم الدين شاهه، مرڪزي صدر لالا علي ب??ش پٺاڻ کانسواءِ ٻين سماجي ت??ظيمن جي عهديدارن، مختلف اسڪولن جي شاگردن، ا??ڪائوٽس، ا??تادن ۽ عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.