اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي، سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ـ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شازيه مري چيو آهي ته بي آءِ ايس پي معاشري جي غريب ۽ پٺتي پيل طبقن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ سڀ کان ڪامياب سماجي تحفظ جو پروگرام آهي، ملڪ ۾ هاڻوڪي ٻوڏ ۾ بي آءِ ايس پي ٻوڏ متاثرن ۾ 946,967 خاندانن ۾ 27645 ملين ر??يا ورهايا. اهڙو اظهار هن بي آءِ ايس پي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ عالمي بئنڪ جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات دوران وفد کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت کنيل قدمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. هن وفد کي ٻُڌايو ته بينظير ڪفالت پروگرام جي شروعات کان هن وقت تائين 7.9 ملين ڪٽنبن ۾ 1.309 ٽريلين ر??يا ورهايا ويا. بينظير تعليمي وظائف تحت 8.04 ملين ٻارن ۾ 40 ارب ر??يا ورهايا ويا. 92003 بينظير انڊر گ??يج??ئيٽ اسڪالرشپس لاءِ 20.5 بلين ر??يا ورهايا ويا ۽ بينظير نشوونما پروگرام تحت 196989 حقدارن کي 833 ملين ر??يا ورهايا ويا آهن. هن چيو ته هن وقت بينظير نشوونما پروگرام 29 ضلعن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ملڪ جي ٻين ضلعن ۾ وڌيڪ سهولتي مرڪز قائم ڪيا ??يا وڃن ته جيئن ڳورهاري، کير پياريندڙ عورتن ۽ ان جي 2 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي اسٽنٽنگ جي مسئلن تي قابو آڻي سگهجي. وفاقي وزير پاڪستان ?? سماجي تحفظ جي نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ترقياتي ش??اڪ??دار طور عالمي بئنڪ جي ڪردار کي بيحد ساراهيو. عالمي بئنڪ سماجي تحفظ جي نيٽ ورڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. عالمي بئنڪ پاڪستان جي صحت ۽ تعليم بابت روڪ مالي معاونت جي پروگرامن تي توجهه ڏئي انساني سرمائي جي ترقيءَ ۾ پڻ مدد ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي صوبن ۽ وفاق کي گڏ کڻي هلڻو آهي ته جيئن يقيني بڻائي سگهجي ته اسان سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر سبب خاندانن کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ ڪنهن کي پوئتي نه ڇڏي رهيا آهيون. عالمي بئنڪ جي نمائندن ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بي آءِ ايس پي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ بينظير نشوونما جهڙن پروگرامن ۾ عالمي بئنڪ طرفان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. وفد بي آءِ ايس پي کي قومي سماجي ۽ اقتصادي رجسٽري کي اپ ڊيٽ ڪرڻ تي مبارڪباد پڻ ڏنيون. وفد ۾ هيومن ڊولپمينٽ سائوٿ ايشيا ??يج?? جي ??يج??ل ڊائريڪٽر محترمه لين شير برن بينز، پريڪٽس مئنيجر، سوشل پروٽيڪشن اينڊ جابس مسٽر اسٽيفانو پيٽرنسٽرو، پريڪٽس ليڊر هيومن ڊولپمينٽ مسٽر لائر ايرساڊو ۽ سينيئر سماجي تحفظ جو ماهر امجد ظفر خان پڻ شامل هو.