ڪراچي – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) سلطنت عمان پ??ران ٻوڏ متاثرين لاءِ امدادي سامان کڻي پهريون جهاز ڪراچي بندرگاهه پهچي ويو، امدادي سامان ۾ کاڌي پيتي جون شيون، ڪمبل ۽ خيما شامل آهن. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پ??ران جاري بيان موجب سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير فيصل سبزواري، ڪراچي ۾ عمان جي قونصلر جنرل سميع عبدالله سليم الخنجاري کانسواءِ پرڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جي نمائندن امدادي سامان وصول ڪيو. پاڪستان سلطنت عمان پ??ران امداد تي ٿورا مڃيا آهن.