اسلام آباد – 17 آڪ??وب?? (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي، ته حڪومت هاڻوڪي ٻوڏ جي نتيجي ۾ تباهه ٿيل صحت جي بني??دي ڍانچي جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. بيان مطابق عبدالقادر پٽيل برلن ۾ معاشي طور تعاون جي باري ۾ جرمن پارليامينٽري، اس??يٽ سيڪريٽري، باربل ڪوفلر سان ملاقات دوران چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ غير معمولي قدرتي آفتن سبب صحت جي بني??دي ڍانچو مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ صحت جي نظام جي بحالي لاءِ عالمي برادري جي امداد جي ضرورت آهي. معاشي معاملن جي تعاون جي باري ۾ باربل ڪوفلر يقين ڏياريو ته جرمني پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين سان مڪمل تعاون جاري رکندو. ان موقعي تي پاڪستان ج?? سفير ڊا??ٽر محمد فيصل پڻ موجود هو.