اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته اتحادي حڪومت جي مشڪل فيصلن جي ڪري ملڪ ڪنگال ٿيڻ جي خطري مان نڪري چڪو آهي، پاڪستان جي معاشي صورتحال بابت غلط معلومات پکيڙي بي بنياد ٻڏتر واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻ?? رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري عالمي انويسٽمينٽ بئنڪنگ اينڊ ڪيپيٽل مارڪي??س فرم جيفريز (Jefferies) جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار پڻ شريڪ هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم شهباز شريف چي?? ته اتحادي حڪومت سياسي قيمت جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ملڪ کي گذريل چئن سالن جي نااهلين جو ڪِيتو لوڙڻ کان بچائي ورتو آهي جڏهن ته مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي ريليف جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻ?? رهي آهي. هن چي?? ته حڪومت ٻاهريون واپاري خسارو گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم جيفريز جي وفد جي آجيان ڪئي ۽ ان کي پاڪستان ۾ پنهنجي آفيس کولڻ جي دعوت ڏني. ان موقعي تي وفد وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز جو موثر مقابلو ڪري ملڪ جي معاشي استحڪام جي ر?? گامزن ٿيڻ کي خوش آئنده قرار ڏنو.