اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ، مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ ان جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبي جي خصوصي ماڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قانونن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، تعليم واري وزارت، صحت واري عالمي اداري ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبي جي ضرورت آهي، خصوصي ماڻهن جي چرپر ۽ عوامي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائي انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائي ??گه??ي ٿو. هن چيو ته معذور ماڻهن کي تعليم، هنر ۽ ملازمتون فراهم ڪري معاشري ۾ شامل ڪرڻ گه??جي. خصوصي ماڻهن کي مددگار ٽيڪنالاجيز فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 10 کان 15 سيڪڙو يا اٽڪل 22 ملين ماڻهو خ??وصي ماڻهن تي ٻڌل آهن، خصوصي ماڻهن جي ايڏي وڏي آبادي کي قيمتي اثاثي ۾ تبديل ڪري ??گه??ي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قانونن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. لاڳاپيل ريگيوليٽري اٿارٽيز کي ??ڀن?? سرڪاري ۽ نجي عمارتن، انفراسٽرڪچر، اسڪولن ۽ صحت جي سهولتن جي هڪ جامع آڊٽ ڪرائڻ جي لاءِ تيار رهڻ گه??جي. صدر ملڪ ۾ سمورين تعليمي سهولتن کي خصوصي ماڻهن جي ضرورتن موجب بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته ??ڀن?? تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي خصوصي ماڻهن کي داخلا ڏيڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گه??جي. ڊسمبر جو پورو مهينو خ??وصي ماڻهن جي مهيني طور ملهائڻ گه??جي. صدر چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جا ادارا خصوصي ماڻهن جي حقن بابت شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم هلائين.