اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جو س??ڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ اڄ ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب اسلامي تعاون تنظيم جو س??ڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي 10 کان 12 ڊسمبر تائين پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪري رهيو آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي دوري ??ور??ن 5 رڪني وفد جي قيادت ڪندو، نومبر 2021ع ۾ عهدو س??ڀالڻ کانپوءِ هي سندس پاڪستان جو پهريون باقاعده دورو آهي. او آءِ سي جو س??ڪريٽري جنرل دوري ??ور??ن وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سان وفدن جي سطح تي ملاقات ڪندو، هو ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير ۽ واپار واري وفاقي وزير سان پڻ ملاقات ڪندو. او آءِ سي جو س??ڪريٽري جنرل آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ??ور??ن او آءِ سي جو س??ڪريٽري جنرل ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي جي ايجنڊ اتي موجو ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا.