اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف وڙهندي جان جو نذ??ان?? پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار 20 ڊسمبر تي بنون دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. هن شهيدن جي وار??نس ان ??فس??س جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ تائين پنهنجي مشن تان نه هٽنداسين. هن شهيدن کي انهن جي بهادري، فرض شناسي ۽ ق??م جي لاءِ قرباني تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سپاهي بابر ايوب ۽ لانس نائيڪ حليم جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. دهشتگردي جي خلاف وڙهندي جان جو نذ??ان?? پيش ڪندڙ شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ق??م جي لاءِ انهن جي خدمتن کي ساراهيو. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.