اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اها ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ نوجوانن جي ٽيلينٽ کي سامهون آڻڻ سان گڏوگڏ ثقافت جي فروغ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي، نوجوان نسل ۾ پاڪستان کي قائد ۽ علامه اقبال جو پاڪستان ٺاهڻ جو جذبو ۽ ولولو موجود آهي، پاڪستان کي ترقي ڪرڻي ۽ اڳتي وڌڻو آهي ته ان جي ڪُنجي ??سان جي نوجوان نسل جي هٿ ۾ آهي. ان جي لاءِ پاڪستان حڪومت سمورا وسيلا نوجوانن جي قدمن ۾ نڇاور ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، نوجوانن شارٽ فلمز جي ??ريعي پاڪستان جو مثبت تشخص دنيا آڏو آندو. هو نيشنل ايميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ??يوارڊ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ڪابينا ميمبر، پارليامينٽرين، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت شرڪت ڪندڙن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته نيشنل ايميچور فلم فيسٽيول ۾ بهترين فلمون تيار ڪري نوجوانن اسان جا ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيا آهن، نوجوانن ڏينهن رات محنت ڪري هن معاشري ۾ پاڻ پنهنجو مقام ٺاهيو آهي، ايوارڊ کٽيندڙن اڄ جي ??قريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن، ڪامياب ٿيندڙن حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي ??لاحيتن کي مڃرايو آهي. هن سلطان احمد بند سلائم جي پاڪستان اچڻ جي ??جيان ڪندي چيو ته ان جو تعلق اسان جي ??وست ملڪ سان آهي، ان کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ ناليج جو دور آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان جي نوجوان نسل ۾ پاڪستان کي قائد ۽ علامه اقبال جو پاڪستان ٺاهڻ جو جذبو ۽ ولولو آهي. هن چيو ته نوجوان ٻارن ۽ ٻارڙين شارٽ فلم جي ??ريعي پاڪستان جو حسن، قديم ورثو، درياءَ، سمنڊ ۽ ڍنڍن جي ??وبصورتي سان عڪاسيڪ ئي ۽ دنيا کي ڏيکاريو آهي، جيڪڏهن پاڪستان کي ترقي ڪرڻي ۽ اڳتي وڌڻو آهي ته ان جي ڪنجي ??سان جي نوجوان نسل جي هٿ ۾ آهي، ان جي لاءِ پاڪستان حڪومت سمورا وسيلا نوجوانن جي قدمن ۾ نڇاور ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. هن چيو ته پاڪستان کي وجود ۾ آئي 75 سلا ٿي ويا آهن، پر قائداعظم جو خواب پورو ناهي ٿيو، قائداعظم جي ??واب کي اسان جي نوجوان نسل کي ئي پورو ڪرڻو آهي، نوجوان نسل ئي پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو آهي. هن چيو ته اتحادي حڪومت پ??را?? يقين ڏياريان ٿو ته هتي فلم انڊسٽري بابت جيڪي نقطا اٿاريا ويا آهن ان??ن تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته 60ع، 70ع، 80ع جي ڏهاڪي ۾ اسان جي ڊرامن جي پنهنجي ??هميت هئي، فلم انڊسٽري ۽ ڪلچر ۾ بيشمار ڪم ٿيو، اهو به وقت آيو جڏهن فلمون ٺهڻ بند ٿي ويون ۽ سئنيما بند ٿي ويا. هن چيو ته اڄ هڪ ڪميٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو جيڪا پوري پاڪستان مان ٽيلينٽ کي سامهون آڻيندي ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪندي. وزيراعظم شهباز شريف اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کي مخاطب ڪندي چيو ته فلم فيسٽيول ۾ نمايان پوزيشن کڻندڙ 15 نوجوانن کي اسڪالرشپ تي موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اهو انگ تمام گهٽ آهي، ان جو انگ 50 ڪيو وڃي جنهن ۾ 25 ٻار ۽ 25 ٻارڙيون هجن.