لاهور – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب عوام جي لاءِ رمضان ۾ مفت اٽي جي فراهمي جو پئڪيج تيار ڪيو ويو آهي، مفتي اٽي جي و??ڇ شفاف طريقي سان بڻائي وڃي، رمضان ۾ سڄي پنجاب جي هڪ ڪروڙ 58 لک خاندانن کي مفت اٽو ورهايو ويندو، اٽي جي فراهمي دوران چوري روڪڻ جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ رمضان پئڪيج تحت مفت اٽي جي فراهمي تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾پنجاب حڪومت پاران رمضان ۾ مفت اٽي جي و??ڇ جي پروگرام تي تفصيلي بريفنگ ڏني و??ي. اجلاس ۾ پنجاب جي نگران وڏي و??ير سيد محسن رضا نقوي، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن چيو ته مفت اٽي جي معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه قبول نه آهي، مفت اٽي اسڪيم ۾ پنهنجي اهليت ايس ايم ايس ذريعي جانچي ويندي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ٻين صوبن کي به ان پروگرام تي مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم چيو ته مفت اٽي جي و??ڇ 25 شعبان کان 25 رمضان تائين ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته اٽي جي و??ڇ 8 هزار 500 يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي ڪئي وڃي. عوام جي سهولت جي لاءِ اٽي جي و??ڇ جا وڌيڪ 20 هزار پوائنٽس قائم ڪيا وڃن.