اسلام آباد ?? 21 ??? مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چي??رم??ن ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊيره اس??اع??ل خان ۾ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي واقعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي شهادت تي گهري افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شهادت ماڻيندڙ حوالدار محمد اظهر اقبال، نائيڪ محمد اسد ۽ سپاهي محمد عيسيٰ ملڪ جا بهادر سپوت هئا. چي??رم??ن بلاول ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ تائين سک سان نه ويهنداسين.