اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 9 رڪني بئنچ کان معاملو ٽي رڪني بئنچ تائين پهچي ويو، صوبن ۾ اليڪشن بابت فل ڪورٽ بئنچ ٺاهي وڃي، هڪ ذهني مريض شخص وٽ ماچس اچي ويو آهي جيڪو پوري جنگل ۽ ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ٿو، اڳ ۾ سائفر ل??را??ي سازش جي ڪهاڻي ٺاهي، آئين ٽوڙيو، اسيمبلي ٽوڙي، صدر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر کان آئين شڪني ڪرائي، انهي سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو هو ته اها آئين شڪني آ??ي، جيڪڏهن پاڳل شخص اليڪشن چاهي ٿو ته قومي اسيمبلي مان استعيفيٰ ۽ ٻن صوبن جون اسيمبليون ڇو ٽوڙيون. هو صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب ۽ خيبرپخوتنخواهه ۾ اليڪشن بابت سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي جاري آ??ي، هي اهو ڪيس آهي جيڪو 9 معزز ججز جي بئنچ کان شروع ٿيو جيڪو 3 معزز ججز تائين پهچي ويو آهي، ٻئي طرف 4 – 3، 2 – 3 جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، جسٽس اعجازالاحسن جيڪو اڳ ۾ ئي ان ڪيس کان معذرت ڪري چڪو آهي، جسٽس اعجازالاحسن ان ڪيس جي ٻڌڻي جو حصو نه هو انهي لاءِ هو عملدرآمد جي فيصلي جو حصو نه ٿو ٿي سگهي، گذريل ڏينهن هڪ اهڙي روايت رکي وئي ته هڪ فيصلي جي مٿان سرڪلر ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته ۽ اهو ئي تاثر آهي ته سپريم ڪورٽ جا جيڪي فيصلا آهن اهي افرادي فيصلا آهن، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ معزز جج جو فيصلو رجسٽرار جي سرڪلر تي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. هن چيو ته هڪ ذهني مريض شخص وٽ ماچس اچي ويو آهي جيڪو پوري جنگل ۽ ملڪ کي باهه لڳائڻ چاهي ٿو، اڳ ۾ سائفر ل??را??ي سازش جي ڪهاڻي ٺاهي، آئين ٽوڙيو، اسيمبلي ٽوڙي، صدر، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر کان آئين شڪني ڪرائي، انهي سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو ته اها آئين شڪني آ??ي، بعد ۾ انهي شخص پنجاب اسيمبلي ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي ٽوڙي ڇو ته انهي شخص کي خبر هئي ته هو پڪڙيو ويو آهي. هن چيو ته هو عالمي سازش جي ڪوڙ ۾ پڪڙيو ويو آهي، اهو شخص اڳ ۾ چوندو هو ته آمريڪي سازش آهي پوءِ چوي ٿو ته باجوه نه، نواز شريف نه، شهباز شريف نه پر اها سازش محسن نقوي ڪئي هئي. جڏهن سازش بيانيو، لانگ مارچ، جيل ڀريو تحريڪ ناڪام ۽ پلستر لهڻ جو ٽائيم آيو ته زمان پارڪ ۾ دهشتگرد پالي پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا، پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا ان سڀ جو هڪ ئي مقصد آهي ته هي شخص ملڪ ۾ اليڪشن نه ٿو چاهي پر هي ملڪ ۾ لاش ڪيرائڻ چاهي ٿو، جيڪڏهن هي اليڪشن چاهيندو هجي ها ته اسيمبليون ڇو ٽوڙي ها، ڇو اسيمبلين تان استعيفائون ڏي ها، هن شخص جي پاڳل پن کي ڪنهن به صورت ۾ سهولتڪ??ري نه ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڊڪليئر پاڳل شخص رڳو ان لاءِ ڪري رهيو آهي ته آئون ٽيرن جو والد آهيان ۽ مون کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو، ان شخص کي توشه خانه جو جواب ڏيڻو پوندو. ان شخص کي خبر آهي ته زڪوات جا پئسا مني لانڊرنگ ۽ سياست ۾ لڳايا، ان شخص کي اها ڳالهه خبر آهي ته مون گهڙيون چوري ڪيون آهن، انهي جي ڪري هي تماشو لڳائي ٿو، اڄ سپريم ڪورٽ جي اندر جنهن 9 رڪني بئنچ کي ٻڌڻي ڪرڻي هئي ان ڇو ٻڌڻي نه ڪئي، هينئر اطلاع ملي آ??ي ته ٽي رڪني بئنچ جوڙي وئي آ??ي، جنهن بئنچ کان ججز معذرت ڪري رهيا آهن اها تڪر??ري ٿي چڪي آ??ي، پاڪستان جي عوام ڏسي رهي آ??ي ته ڇا ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اهو نه ٿو ٿي سگهي ته هڪ اهو شخص آهي جنهن کي سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ گ??را??ي ٿي ته هو عدالتن تي حملا ڪري ٿو، سپريم ڪورٽ کان سيشن جج تائين اهو شخص حملي آ??ر آهي پر ان شخص کي هر عدالت مان ريليف ملي ٿو. هن چيو ته اڄ ان پاڳل شخص جي سهولت لاءِ ڪو به فيصلو ايندو ته اهو تڪر??ري رهندو. هن چيو ته پارليامينٽ جي اندر جيڪو قانون منظور ٿيو آهي اهو ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو اهو پراڻو مطالبو هو، وڪيل برادري ۽ بار ڪائونسلز ۽ عوام جو مطالبو هو ته اپيل جو حق هجڻ گهرجي، ججز جي ڪميٽي کي پاڻمرادو نوٽيس، بئنچ جوڙڻ جو فيصلو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وڪيلن جي تحفظ جو قانون به وزيراعظم واعدي موجب منظور ڪرايو آهي جنهن تي وڪيلن کي مبارڪباد ڏيون ٿا.