اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا مختلف شهرن ۾ پرتشدد واقعن دوران ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي شديد مذ??ت ڪندي امن امان جي صورتحال جي ڏس ۾ وفاقي گهرو وزارت جي سفارش تي آئين جي آرٽيڪل 245 تحت اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پاڪ فو?? جي ??قرري جي ??نظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا فيصلو ڪيو ته آئين ۽ قانون جي خلاف سرگرمين کي سختي سان منهن ڏنو وڃي، دهشتگردي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي، رياستي ۽ سرڪاري ادارن، نجي ??لڪيتن، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ، آئين ۽ قانون موجب موثر قدم کنيا وڃن، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي اولين ذميواري آهي، ان فرض کي مڪمل ڪرڻ هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم جي ??ريس ونگ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس جي شروع ۾ وزيراعظم ڪابينا کي پنهنجي برطانيا جي دوري کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته سندس برطانيا جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو. وزيراعظم چيو ته هن ڪنگ چارلس ٽي کي سندس تاج پوشي تي مبارڪباد ڏني ۽ ان تائين پاڪستاني عوام جون نيڪ خواهشون پهچايون. وزيراعظم چيو ته هن ڪنگ چارلس ٽي کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪئي. هن چيو ته برطانوي وزيراعظم رشي سينڪ سان ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ٿيو. هن چيو ته تاج پوشي جي تقريبن دوران ان جي ??ين عالمي اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ٿيون جن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي ڪابينا مختلف شهرن ۾ پرتشدد واقعن دوران ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي شديد مذ??ت ڪئي ۽ ان حوالي سان مذ??تي قرارداد منظور ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا وفاقي گهرو وزارت جي سفارش تي آئين جي آرٽيڪل 245 تحت پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ پاڪستان آرمي جي ??قرري جي ??نظوري ڏني. وفاقي ڪابينا آرسٽريٽ واشنگٽن ڊي سي ۾ موجود پاڪستان چانسري جي ??راڻي عمارت سڀ کان بهترين آفر ۾ وڪرو ڪرڻ جي ??نظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 28 اپريل 2023ع تي ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 28 اپريل ۽ 10 مئي 2023ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ جي ??جموعي صورتحال تي غور ڪيو ويو. اجلاس پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ ان جي چيئرمين عمران خان پاران هڪ عرصي کان مسلسل ادارن ۽ ان جي ??يادت کي نشانو بڻائڻ جي شديد لفظن ۾ مذ??ت ڪئي. قالتاڻي حملن کان وٺي قومي ادارن کي سياست ۾ گهيلڻ تائين جا ڪڌا الزام هڪ تسلسل سان هنيا پيا وڃن. اجلاس نشاندهي ڪئي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ??يادت جو سوچيل سمجهيل منصوبي تحت حساس ادارن ۽ ان جي آفيسرن کي نشانو بڻائڻ هڪ تسلسل آهي جيڪو هاڻي حساس ادارن ۽ عمارتن تي دهشتگرد حملن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي جنهن جي جيتري مذ??ت ڪئي وڃي گهٽ آهي، اهو رويو پي ٽي آءِ جي ??اضي جي روش ۽ طرزعمل جي عين موجب آهي پر ان ۾ هاڻي وڌيڪ شدت اچي وئي آهي. اهو آئيني، قانوني يا جمهوري رويو نه پر دهشتگردي ۽ ملڪ دشمني آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿو ڪري سگهجي. اجلاس قرار ڏنو ته ڪرپشن ۽ ڪرپٽ پريڪٽيسز جي ??وس ثبوتن تي ٻڌل سنگين ڪيس ۾ نيب هڪ قانوني عمل جي ذريعي عمران خان کي گرفتار ڪيو جنهن کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي ??نهنجي ??يصلي ۾ قانوني قرار ڏنو. وڌيڪ اهو ته اڄ احتساب عدالت تفصيلي بحث ۽ ٻڌڻي کانپوءِ به ان گرفتاري کي قانوني قرار ڏنو آهي پر ان جي باوجود پي ٽي آءِ قيادت جي اتساهڻ تي پوري ملڪ ۾ امن امان جي سنگين صورتحال پيدا ڪئي وئي آهي. اجلاس عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ??يادت کي اتساهڻ تي ڪجهه سئو دهشتگردن ۽ هٿياربند جٿن جي ??لڪ ۾ جلاءُ گهيراءُ، حساس سرڪاري، نجي ??لڪيتن کي باهه لڳائڻ، ڀڃ ڊاهه، ساز و سامان ۽ اوزارن جي ڦرلٽ، ريڊيو پاڪستان، اي پي پي ۽ پي ٽي وي جي انفراسٽرڪچر تي حملن، قومي نشريات روڪرائڻ جي ڪوشش، گاڏيون ۽ رڪارڊ ساڙڻ، شهرين ۽ سرڪاري اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جي ??اقعن جي شديد مذ??ت ڪئي. اجلاس ايڌي ۽ ٻين ايمبولينسز جي ??ريضن کي ڪڍي گاڏيون ساڙڻ سميت ٻين جاين تي مسافر شهرين جو گهيراءُ ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ جهڙن واقعن جهڙي کلي دهشتگردي جي شديد مذ??ت ڪئي. اجلاس غازين ۽ شهيدن جي ??ادگارن جي بي حرمتي، پشاور ۾ چاغي ماڊل کي باهه لڳائڻ جهڙن واقعن جي شديد مذ??ت ڪندي واضح ڪيو ته آئين ۽ قانون تحت احتجاج جيتوڻيڪ هڪ بنيادي جمهوري حق آهي جنهن کي آئين ۽ قانون جي ??قرر حدن جي اندر هجڻ گهرجي ??ر ڪنهن به مهذب ملڪ ۽ معاشري ۾ ان نوعيت جي ??اقانونيت جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. اجلاس طئي ڪيو ته آئين ۽ قانون جي ??نافي سرگرمين کي سختي سان منهن ڏنو وڃي، دهشتگردي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن سان ڪا رعايت نه ڪئي وڃي. رياستي ۽ سرڪاري ادارن، نجي ??لڪيتن، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ آئين ۽ قانون موجب موثر قدم کنيا وڃن، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ رياست جي اولين ذميواري آهي. ان فرض کي مڪمل ڪرڻ هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو. اجلاس عوام کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ته هن رياست دشمني ۽ دهشتگرد روين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ آئين ۽ قانون جو ساٿ ڏنو. اجلاس پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ سمورن ادارن، انتظاميا ۽ پاڪ فو?? کي خراج تحسين پيش ڪيو جن سمورن خطرنجي باوجود سرڪاري ۽ نجي ??لڪيتن ۽ عوام جي جان ۽ مال کي بچائڻ جي ??اءِ خدمتون سرانجام ڏنيون.