اسلام آباد-14 جون (اي پي پي)نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ قوم?? مون سون ڪوآرڊينيشن ڪانفرنس جي صدارت ڪئي ۽ ڪانفرنس ??اء?? بحث هيٺ شعبن جو خاڪو پيش ڪيو. ڪانفرنس جو مقصد سمورن ڌُرين وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۽ مون سون جي تياريءَ جي قدمن جو جائزو وٺڻ هو. چيئرمين ارسا ۽ موسمياتي تبديليءَ واري وزارت، ڊزاسٽر مئنجمينٽ جي ادارن، ايمرجنسي سروسز، موسميات کاتي، سپارڪو، اين ايڇ اي، هٿياربند فوج، سي ڊي اي/آءِ سي ٽي، پي ايڇ ايف، اين ايڇ ايفن، ايف ڊبليو او، ايمرجنسي ريسپانس ايجنسين ۽ يو اين او، يو اين ڊي پي ۽ ڊبليو ايڇ ايڇ جي نمائندن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. چيئرمين گذريل 22ع جي ٻوڏ جي تجربن مان سکي ڪري تياريءَ جي اهميت، وقتائتي تربيتي ۽ مون سون جي هنگامي صورتحال ??اء?? اسٽاڪ پوزيشنز جو جائزو وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن عام ماڻهن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ـ لاڳاپيل کاتن ??اء?? ٺوس مشورا ۽ رهنمائيءَ جا ڪتابڙا جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته آفتن جي اثرن کي گهٽائڻ ??اء?? فعال قدم ضروري آهن ۽ـ آفتن جي حملن کان اڳ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڀريو. موسيمات کاتي ايندڙ 3 مهينن ج?? موسمي حالتن بابت بريفن?? ڏني وئي ۽ اڳواٽ اڳڪٿي ڪيل 2023ع جي گرميءَ ج?? موسم ۾ شديد موسمي واقعن جو امڪان آهي، جنهن سان درياهن ۾ چاڙهه، اوچتو ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ شهري ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. آبادگارن ۽ هارين کي انهن واقعن ??اء?? تيار رهڻ گهرجي ۽ ان تحت ئي رٿابندي ڪرڻ گهرجي. ارسا چيئرمين آبي ذخيرن جي صورتحال بابت آگاهي ڏني. ڊزاسٽر مئنجمينٽ جي صوبائي ۽ علائقائي ادارن مون سون جي هنگامي صورتحال ??اء?? عوامي جاڳرتا مهم ۽ فرضي مشقن جا تفصيل پيش ڪيا. اين ڊي ايم اي چيئرمين صوبائي اختيارين کي هدايت ڪئي ته مقامي اين جي اوز ?? امدادي تنظيمن سان هم آهنگي پيدا ڪري، مقامي آباديءَ تائين وڌ کان وڌ رسائيءَ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ موسميات کاتي جي اڳڪٿيءَ موجب وسيلن کي ڪتب آڻڻ ??اء?? قدم کنيا وڃن.