اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانسيسي صدر اي??انوئل ميڪرون جي دعوت تي پيرس ۾ منعقد ٿيندڙ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ 22 کان 23 جون تائين فرانس جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سربراهه اجلاس اڳواڻن کي هڪ نئين گلوبل آرڪيٽيڪچر جي شڪل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪو پائيدار ترقي، ماحوليات، توانائي جي منتقلي ۽ موسم??ات?? تبديلي جي ايج??ڊا جي مالي اعانت جي چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. بيان موجب سربراهه اجلاس جو مقصد اي??دڙ ٻن سالن دوران ٻين اهم عالمي تقريبن ۽ ڪانفرنسن جي سلسلي ۾ عالمي مال??ات?? نظام جي جامع سڌارن جي لاءِ گهربل اصولن ۽ قدمن جي وضاحت ڪرڻ ۽ اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ وڌيڪ متوازن ?? منصفاڻي حصيداري جي راهه هموار ڪرڻ آهي. پاڪستان عالمي مباحثي ۾ هڪ اهم اسٽيڪ هولڊر، جي – 77 اي??ڊ چائنا ۾ هڪ رهنما ۽ موسم??ات?? تبديلين سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ سڀ کان وڏي اسرندڙ مل??ن مان هڪ جي طور تي سربراهه اجلاس ۾ ٿيندڙ بحث ۾ حصو وٺندو. وزيراعظم بحث ۾ عالمي مال??ات?? ادارن ۾ سڌارن، موسم??ات?? فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ ۽ قرضن بابت حل جي حوالي سان پاڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم سربراهه اجلاس جي موقعي تي ٻين عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.