اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ??هي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ ٽپهر 4 وڳي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊ??ر سان گڏ لاهور ۾ آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ اسٽاف ليول معاهدي بابت اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پريس ميڊيا جي ذريعي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو.