اسلام آباد – 06 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پا??ست??ن قطر سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو، پا??ست??ن قطر سان توانائي جي شعبي ۾ حصيداري جو خ??اهشمند آهي ۽ معيشت جي مختلف شعبن ۾ قطر جي سيڙپڪاري جو خ??اهشمند آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار پا??ست??ن ۾ قطر جي عهدو ڇڏيندڙ سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان فيصل الثاني سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر قطر جي حڪومت کي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ست??نين جي ميزباني کي ساراهيو جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پل جو ڪم ڪري رهيا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته قطر هنرمند پا??ست??ني ڪارڪنن جي انگ ۾ اضافو ڪندو ۽ پا??ست??ن ۾ وڌيڪ ويزا سهولتون کوليندو. صدر اسلامو فوبيا جي خلاف ڪوششن تي قطر جي قيادت کي ساراهيندي وڌيڪ چيو ته اسلامي دنيا کي دنيا ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي به اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڄمون ۽ ڪشم??ر جو تڪرار ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ذريعي ڪندڙ ظلم ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ مسلسل خطرو آهي. افغانستان جي حوالي سان صدر چيو ته پا??ست??ن ۽ قطر کي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سان گڏوگڏ پا??ست??ن ۾ افغان پناهگيرن کي ضروري انساني امداد جي فراهمي لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ گهرجي. صدر فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي لاءِ بهترين انتظام ڪرڻ تي قطر جي قيادت کي ساراهيندي چيو ته قطر اهڙي قسم جا ميگا اسپورٽس ايونٽس جو ڪاميابي انعقاد ڪري تاريخي ڪم ڪيو آهي. هن گذريل سال ٻوڏ دوران پا??ست??ن کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ تي به قطر جا ٿورا مڃيا. صدر سفير کي ان جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پا??ست??ن ۽ قطر جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاء?? ان جي ڪردار کي ساراهيو.