اسلام آ??اد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وف??قي محتسب پاران بزرگ عورت کي ملڪيت جو ق??ضو واپس ڏيارڻ جو حڪم برقرار رکندي انتظاميا کي فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اسلام آ??اد ۾ عورت شهري جي 10 مرلا زمين تي مبينا طور تي قبضي مافيا ق??ضو ڪري رکيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب شڪايت ڪندڙ م??ور بي بي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وف??قي محتسب کي ملڪيت جي تحفظ ايڪٽ تحت شڪايت داخل ڪرائي هئي ته ملڪ عبدالمجيد ۽ جواد شوڪت ان جي زمين تي غيرقانوني طور تي ق??ضو ڪري رکيو آهي. محتسب عورت جي حق ۾ حڪم جاري ڪندي ڊي سي کي ق??ضو بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عبدالمجيد وف??قي محتسب کي نظرثاني جي درخواست ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ثابت ٿي چڪو ته عورت ملڪيت جي مالڪ آهي جنهن کي 1979ع ۾ رجسٽرڊ سيل ديڊ جي ذريعي ملڪيت منتقل ڪئي وئي. فيصلي ۾ بهاره ڪهو ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي عورت جو ق??ضو بحال ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي وئي. ان ڏس ۾ موقعي تي موجود تڪ جي پٽواري کان مدد وٺندي پلاٽ جي بحالي جي لاءِ سمورا قانوني ذريعا استعمال ڪيا وڃن. بعد ۾ عبدالمجيد محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر عبدالمجيد ۽ ٻين جي اپيل دير سان داخل ٿيڻ جي بنياد تي رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته اپيل حڪم ملڻ جي 30 ڏينهن جي اندر داخل ڪرڻ گهرجي ها. صدر چيو ته درخواستگذارن حڪم وصول ڪرڻ جي تاريخ بابت ڪجهه به ناهي چيو، اپيل نه رڳو دير سان داخل ڪئي وئي پر ميرٽ تي به نه آهي. هن هدايت ڪئي ته انتظاميا هراسمينٽ جي خاتمي بابت وف??قي محتسب جي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائي.