اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زراعت، معدنيات، کاڻ کوٽائي، آءِ ٽي ۽ تو??نا??ي جي شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ منصوبن جي م??ظوري ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته انهن منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ دلچسپي ظاهر ڪندڙ سيڙپڪارن کي ڀرپور سهولتون ڏنيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب معاشي بحالي پلان جاري ڪرڻ ۽ پاڪستان حڪومت پاران اسپيشل انويسٽمنٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪ??ڻ جي تسلسل ۾ ايپڪس ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، وڏا وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ اعليٰ عملدار شريڪ ٿيا. ايپڪس ڪميٽي ايس آئي ايف سي جي ڪارڪردگي ۽ سيمينارز منعقد ڪرڻ ۽ منصوبن جي افتتاح جي ذريعي امڪاني سيڙپڪارن تائين پهچ جي حڪمت عملي تي اطمينان جو اظ??ار ڪيو. ايپڪس ڪميٽي وزيرن پاران ايس آئي ايف سي تحت سيڙپڪارن جي لاءِ تيار ڪيل مختلف منصوبن جو جائزو ورتو. اجلاس جي پڄاڻي تي ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ وزيراعظم زراعت، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي ۽ تو??نا??ي جي شعبن ۾ دوست ملڪن پاران سيڙپڪاري حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ منصوبن جي م??ظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته انهن منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ دلچسپي ڏيکاريندڙ سيڙپڪارن کي ڀرپور سهولتون ڏنيون وڃن.