اس??ام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ طوفاني برساتن سان قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران بيجنگ ۾ جاري طوفاني برساتن ۾ قيمتي جاني نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. اسان جون همدرديون ۽ نيڪ خواهشون ڏکويل خاندانن سان گ?? آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين گ??يل دوست ۽ حصيدار آهن، جن جون تڪليفون ۽ پريشانيون گ??يل آهن. سڄي پاڪستاني قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گ?? آهي. وزيراعظم چيو ته م??ڪل جي هن گهڙيءَ ۾ بيجنگ جي عوام جي هر ممڪن مدد جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.