ڪ??اچ?? – 28 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ٻارن کي تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ جي لاءِ خصوصي قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي صلاحي??ون رکندڙ رانديگر راند جي ميدان وانگر زندگي جي ٻين شعبن ۾ به جذبي ۽ لگ?? سان ڪم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار اسپيشل اولمپڪس پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر ۽ خا??ون اول سان ملاقات ڪئي. صدر ۽ خا??ون اول خصوصي صلاحي??ون رکندڙ ايٿليٽس کي برلن ۾ اسپيشل اولمپڪس ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته خصوصي صلاحي??ون رکندڙ رانديگرن اسپيشل گيمز ۾ 80 کان تمغا کٽي ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو. هن چيو ته خصوصي ٻار معاشري جا اهم ميمبر آهن، انهن کي ضروري هنر ۽ خصوصي تعليم ڏني وڃي. صدر چيو ته خصوصي ٻارن کي ٻين ٻار?? سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ٺوس تعليم سان معاشري ۾ خصوصي ماڻهن جي ضرورتن بابت آگاهي وڌندي. هن وڌيڪ چيو ته ٻارن کي خصوصي ضرور??ون رکندڙ ٻارن جي حقن بابت تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، مص??وع?? ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان خصوصي ماڻهو مدد حاصل ڪري سگهن ٿا.