اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيڊ جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي انشورنس ڪمپني ??ي من??فع?? سميت 20 لک رپيا شهري کي واپس ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، انصاف جي گهرج آهي ته ڪمپني اصل رقم من??فع?? سان گڏ واپس ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وحيد احمد (شڪايت ڪندڙ) 2015ع ۾ البرڪه بئنڪ جي ذريعي تڪافل پلان خريد ڪيو، بئنڪ نمائندي تاثر ڏنو ته 20 لک هڪ ئي وقت ادائيگي ڪرڻي پوندي، 5 سالن کانپوءِ رقم من??فع?? سان گڏ واپس ملي ويندي، صارف کي 11 سالن ??ي لاءِ 5 لک رپين جي سالياني پريميئم سان گڏ چار پاليس??ون جاري ڪ??ون ويون، شڪايت ڪندڙ هر سال پريميئم جي وڏي رقم ادا ڪرڻ کان قاصر هو، ڪمپني کي درخواست ڪئي ته پاليسي رد ڪري ڇڏي. صارف 20 لک رپين جي رقم واپس ڪرڻ جو چيو پر رقم واپس نه ڪئي وئي. شڪايت ڪندڙ وفاقي انشورنس محتسب سان رجوع ڪيو جنهن صارف جي حق ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. بعد ۾ محتسب جي فيصلي جي خلاف ڪمپني صدر کي اپيل داخل ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپني پاليسي هولڊر کي 20 لک رپيا 6 سالن ??ي من??فع?? سان گڏ واپس ڪري، صارف کي رڳو هڪ پاليسي بدران وڏي سالياني پريئيم تي ڪيتر??ون ئي انشورنس پاليس??ون جاري ڪ??ون ويون. هن چيو ته تڪافل پلان 2015ع ۾ صارف کي غلط طرز تي وڪرو ڪيو ويو، ڪمپني ايتري عرصي ۾ رقم ڪاروبار ۾ لڳائي مناسب من??فع?? ڪمايو هوندو، بئنڪ نمائندي تڪافل پلان بابت صارف کي غلط معلومات ڏئي راغب ڪيو. شڪايت ڪندڙ کي غلط معلومات ڏني وئي ته تڪافل پلان 5 سالن ??ي لاءِ آهي، صارف 11 سالن ??ي لاءِ چار انشورنس پاليسين جي ڪڏهن به چونڊ نه ڪئي. صدر چيو ته انشورنس ڪمپني 20 لک رپيا ورتا، سيڙپڪاري ڪئي، من??فع?? ڪمايو، ڪو شخص غيرمنصفاڻي طور تي ٻين جي وسيلن ??ي پاڻ کي امير نه ٿو ڪري سگهي، شڪايت ڪندڙ ??ي من??فع?? ۾ ان جي حصي کان محروم ??رڻ ناانصافي هوندي، ڪمپني من??فع?? ڪمايو پر غيرمنصفاڻي طور تي صارف کي ادائيگي کان انڪار ڪيو. صدر پاڪ قطر فيملي تڪافل لميٽيد جي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف درخواست رد ڪندي قرار ڏنو ته ڪمپني رقم تي وڌيڪ شرح سان چارجز ڪٽڻ جو ڪو ٺوس سبب نه ڏنو. صدر حڪم ڏنو ته ڪمپني 30 ڏينهن ۾ شڪايت ڪندڙ ??ي من??فع?? سان گڏ 20 لک رپيا واپس ڪري.