چڪوال – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جهڙي طر?? فوج کي نشانو بڻائي رهي آهي، تاريخ ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، اها ئي زبان استعمال ڪئي پئي وڃي جيڪا ڀارت پاڪستان ۽ فوج جي خلاف استعمال ڪري ٿو، پهريون ??يرو مخالف ڌر فوج، آرمي چيف ۽ آءِ ??يس آءِ ??ي چيف کي هدف بڻائي رهي آهي، ڳالهيون جمهوريت جون ??ن ٿا ۽ فوج کي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ چئي رهيا آهن، جن جي ڪرپشن تي پوري دنيا جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون ??پيا ۽ ڊاڪيومينٽريون ٺهيون، اڄ اهي پنهنجي چوري جو پئسو بچائڻ جي لاءِ ??ٻاءُ وجهي رهيا آهن، انهن کي اين آر او ڏنو ته ملڪ سان ان کان وڏي غداري نه ٿيندي. يونيورسٽي آف چڪوال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مون ??ي خوشي آهي ته اڄ آئون ??ڪوال ۾ اهڙا منصوبا کڻي آيو آهيان جن سان ??عا??رو تبديل ٿيندو آهي.